بيبي صغرا آپا

بيبي صغرا آپا

بيبي صغرا آپا

بيبي صغرا، آپا: مثالي عورت استادن منجهان آپا بيبي صغرا ڌيءُ غلام علي شاهه بخاريءَ جو نالو سر فهرست آهي، بي بي صغرا 2 فيبروري 1918ع ۾ ابراهيم شاهه جي پڙ حيدرآباد ۾ واقع حويلي سيد محمد شاهه بخاريءَ ۾ پيدا ٿي. کيس ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ، لکڻ جو شوق هوندو هو، جيڪو کيس پنهنجي ڏاڏي ۽ پُڦيءَ کان ورثي ۾ مليو هو. سندس ڏاڏي ’بي بي ڀاڳل‘ 1891ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين، حيدرآباد مان صوبي سنڌ جي پهرين مسلمان عورت جي حيثيت سان ٽيچرس ٽريننگ حاصل ڪئي ۽ تاريخ جو حصو بڻي. سندن پُڦي ’بيبي ڀاڳل‘ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد جي پهرين مسلم هاسٽل ميٽرن جي حيثيت سان ڪم ڪيو، پنهنجي گهر ۾ علمي ماحول ڏسي کيس به پڙهڻ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو.
بيبي صغرا پنهنجي سموري تعليم ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مان حاصل ڪئي. فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ هن پيشه وراڻه زندگيءَ جو آغاز 1936ع ۾ بابا هاشم خواجه اسڪول ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي حيثيت سان ڪيو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ ٽيچرس ٽريننگ جي ڪورس ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، ٻيهر وري بابا هاشم جي اسڪول ۾ واپس وڃي درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. هي هڪ محنتي ۽ ذهين استاد هئي. کيس ڇوڪرين/ڇوڪرن کي تعليم ڏيڻ جو تمام گهڻو شوق هو. سندس شوق ڏسي بابا هاشم کيس پنهنجي ڌيءَ بڻايو ۽ اسڪول جو انچارج به مقرر ڪيو. ان دوران بيبي صغرا جي محنت ۽ ذهانت جي شهرت ٿيڻ لڳي ۽ کيس شهر جي ٻين بهترين اسڪولن مان به نوڪري جون آڇون اچڻ لڳيون، بيبي صاحبه سنڌي گرامر ۽ رياضيءَ ۾ مڪمل عُبور رکندي هئي، کيس مختلف هنرن ۾ به مهارت حاصل هئي. بابا هاشم جي اسڪول ۾ رهندي، بيبي صغرا خواجه ڪميونٽي جي ڇوڪرين لاءِ به تعليم جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪيون، تنهنڪري حيدرآباد جي اسماعيلي ڪميونٽي اڄ به سندس نالو نهايت ئي عزت ۽ احترام سان وٺندي آهي.
آپا بيبي صغرا 17 آڪٽوبر 1941ع کان مئي ’1942ع تائين ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين ۾ ڪم ڪيو. ان کانپوءِ وري بابا هاشم خواجه جي اسڪول ۾ تعليم ڏيڻ جي سلسلي کي جاري رکيائين. هڪ ڀيرو ٻيهر وري کيس ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (وومين) ۾ آپا بدرالنساءِ جي جڳهه تي 30 جولاءِ 1942ع ۾ مقرر ڪيو ويو. ڪاليج جي رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو ته بي بي صغرا کي ئي اهو اعزاز حاصل آهي، جو سندس تقرري لاءِ ليڊي سپرنٽينڊنٽ خود سفارش ڪئي. 13 مئي 1942ع تي کيس ڊي پي آءِ ۽ سنڌ الائونس ڏنو ويو، باصلاحيت استاد هئي، هوءَ نصابي سرگرمين کانسواءِ هم نصابي سرگرمين ۾ پڻ شاگردياڻين جي رهنمائي ڪندي هئي. هن ڪيترائي تقريري مقابلا، ڊراما، سبڻ ڀرت جا مقابلا ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ترتيب ڏنا.
بيبي آپا صغرا پنهنجي پيشه وراڻه زندگيءَ ۾ به تربيت ۽ تعليم حاصل ڪندي رهي، جڏهن تريننگ ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو مضمون لازمي ڪيو ويو ته هوءَ به امتحان ۾ ويٺي. ان کانسواءِ ٽريننگ ڪاليج ۾ گرلز گائيڊ ’بلو برڊ‘ جي نالي سان شروع ٿي ته ٽريننگ حاصل ڪيائين ۽ ڪاليج پڙهندڙ ڇوڪرين کي سکيا ڏيندي رهي. آپا بيبي صغرا 1966ع ۾ پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن جي ڪوٺايل ٽريننگ پروگرام ۾ حصو ورتو ۽ ٽريننگ جي پڄاڻيءَ تي آرگنائيزنگ سيڪريٽري مسز عصمت نياز کيس تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنو. بيبي صغرا جي شاگردياڻين مان ڪيتريون ئي اڳتي هلي سنڌ جي نامور شخصيتون بڻيون. سندس شادي 1942ع ۾ سنڌ جي مشهور خاندان سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جي پڙپوٽي سيد ثابت علي شاهه (ثالث) سان ٿي، جيڪو پڻ سرڪاري ملازم هو. سندس اولاد به تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو آهي.
بيبي صاحبه ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي هيڊمسٽريس جي عهدي تي ترقي حاصل ڪئي. 1976ع ۾ حيدرآباد ۾ فيميل سپروائيزر بڻي ۽ اتان رٽائرمينٽ ورتائين. بيبي صغرا 27 سيپٽمبر 1991ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو